اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)صدر مملڪت ??صف علي زرداري چيو آهي ته اي پي ايس جهڙا سانحا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا، پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪروه ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، 16 ڊسمبر 2014ع جي افسوسناڪ ڏينهن دهشتگردن ??سا?? جي معصوم ۽ قوم جي مستق??ل تي حملو ڪيو، معصوم ٻارن تي حملو مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي گڏ??ل طور ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اچو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اها ڳالهه صدر مملڪت ??صف علي زرداري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور حملي جي 10 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر ??صف علي زرداري چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع جي افسوسناڪ ڏينهن دهشتگردن ??سا?? جي ٻارن ۽ قوم جي مستق??ل تي حملو ڪيو، اڄوڪي ڏينهن دهشتگردن معصوم ٻارن سميت استادن کي بي دردي سان قتل ڪيو، دهشتگردن استادن ۽ شاگردن کي نشانو بڻائي عوام دشمني جو ثبوت ڏنو. صدر چيو ته معصوم ٻارن تي حملو مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي. اي پي ايس سانحي مان واضح آهي ته دهشتگردن جي ايجنڊا ملڪ ۾ جهيڙا ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي. ??صف علي زرداري چيو ته 16 ڊسمبر جي ڏينهن ??سا?? جي قوم جي اجتماعي يادداشت تي اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، ??سا?? جون همدرديون معصوم جانين جي وارثن سان آهن، اهو ڏينهن ??سا?? کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ??سا?? جي قوم جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو. صدر مملڪت چيو ته اي پي ايس حملو ??سا?? جي ٻارن، ??سا?? جي مستقبل، ??سا?? جي وجود تي حملو هو، اي پي ايس سانحي جهڙا واقعا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪرو ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. اي پي ايس سانحي ??سا?? کي دهشتگردي خلاف قوم جي حيثيت سان متحد ڪيو. صدر مملڪت چيو ته تاريخ شاهد آهي ته پاڪستاني قوم مصيبتن آڏو ڪڏهن به هارائي نٿي، هي ڏينهن دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ، ان لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. صدر مملڪت چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي سياسي قيادت به قربانيون ڏنيون آهن. اڄ ??سا?? پنهنجي بهادر سپاهين،قانون لاڳو ڪندڙ ادران ۽ عام شهرين جي دهشتگردي خلاف قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته پنهنجي ٻارن، اڳواڻن ۽ شهرين جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪستان مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڙ پٽي اڇلائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي گڏ??ل طور تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صدر مملڪت زور ڀريو ته اچو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون.
اي پي ايس جهڙا سانحا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا، پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪروه ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : گرم گرم