فيصل آباد – 28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪمپيوٽر سيڪيورٽي جو عالمي ڏينهن 30 نومبر ڇنڇر تي ملهايو ويندو. ان موقع?? تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ، مختلف موبائل فون ڪمپنيز ۽ پي ٽي سي ايل سميت انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪندڙ ٻين ادارن سميت اين جي اوز جي شراڪت سان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ڪميونيڪيشن ايڪسپرٽس سميت ٻيا لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪندا. ان موقع?? تي شرڪت ڪندڙن کي اهم معاملن بابت بريف ڪيو ويندو. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ماهرن ٻڌايو ته اهو ڏ??نهن ملهائڻ جي شروعات 30 نومبر 1998 تي ٿي هئي ??نهن جو مقصد سمورن شهرين ۾ ڪمپيوٽر جي ڊيٽا جي حفاظت لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهن کي ڪمپيوٽر جي استعمال بابت ??ڪم?? رهنمائي ۽ معلومات فراهم ڪري سگهجي. ان کان علاوه ڄاڻايل ڏينهن جي مناسبت سان آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل ڪمپنين طرفان واڪس ج?? اهتمام به ڪيو ويندو.
ڪمپيوٽر سيڪيورٽي جو عالمي ڏينهن 30 نومبر تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : راکی