ڪوئيٽا-01 نومبر (اي پي پي) بلوچستا?? جي علائقي مستونگ ۾ بم ??ما??ي ۾ پوليس اهلڪار سميت 05 ڄڻا شهيد ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب جمعي ڏينهن مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول ڀرسان بيٺل پوليس وين ويجهو زودار ??ما??و ٿيو جنه?? جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 5 ماڻهو شهيد ٿي پيا جڏهن ته 13 ٻيا زخمي ٿي پيا. جن ۾ هسيب انور، سميع الله، صفي الله ۽ خير النسا شامل آهن. ??ما??ي ۾ ٻارن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ امان الله، عائشه، عينه،رونيرا، بابا، عنايا،ام ارم،، دلدار، اختر علي، انيس الرحمٰن، ملڪ حمزه، محمد عرف??ن، امير حمزه، عبدلارزاق، تنوير احمد ۽ محمد ٿرفان شامل آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي ويون. لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مستونگ منتقل ڪيو ويو جتان سخت زخمين کي کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪوئٽه ٽرامه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
بلوچستان جي مستونگ واري علائقي ۾ بم ڌماڪو، پوليس اهلڪار سميت 05 ڄڻا شهيد،13 زخمي
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná