اسلام آب??د -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي، ته پاڪس??ان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آب??دين تي اسرائيل جي بي لگام حملن ۽ عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري پڌرائي ۾ چيو آهي، ته گذريل ڪيترن ??ين??ن کان اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختياري جي ناقابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آب??دي جي مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪس??ان اسرائيل جي جارحيت سبب متاثرن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو هن چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ??ين??ن اسرائيل جو غير محتاط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان چيو ته پاڪس??ان لبنان جي عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اسرائيل کي خطي ۾ ان مهم جوئي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.
پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي مذمت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا