اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان ??ومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث خان (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (چيف ??مپ??وٽر انجنيئر) کي 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪري، موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان ??ڌيڪ جاچ گهربل آهي، انهن جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته جوابدار پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا. هنن جعلسازي ڪري سرڪاري ??اڻ?? کي 124 ملين رپين جو نقصان پهچايو. جوابدارن کان سرڪاري رقم رڪور ڪرڻ ??اءِ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.
اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری