اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان ??ي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ??م ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر جمهوريه آذربائيجان ??ي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. آذري سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ذربائيجان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن آذربائيجان ??ي صدر الهام عليوف سان ??يدالفطر جي موقعي تي پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو. هن جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران ??ذربائيجان ??ي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي صدر عليوف جي جلد کان ??لد پاڪستان ??و سرڪاري دورو ڪرڻ جي ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان کي نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ 29 سربراهي اجلاس جي لاءِ ميزبان ??ي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو اڳئين هفتي آذربائيجان ??ي ماحوليات واري وزير جي استقبال جو منتظر آهي جيڪو ڪوپ 29 جي اجلاس جي لاءِ آذري صدر جو باضابطا دعوتنامو کڻي ايندو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي گڏجي ??م ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد باڪو موڪلڻ جو ارادو رکون ٿا، پاڪستان ??لد کان ??لد پاڪستان ??ذربائيجان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي جتي ٻئي ڌريون مختلف شعبن ۾ تعاون ??ان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن ٿيون. آذري سفير باڪو ۽ ڪراچي جي وچ م اڏامن جي تازي افتتاح کانسواءِ باڪو ۽ اسلام آباد سان گڏوگڏ باڪو ۽ لاهور جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هلندڙ اڏامن تي روشني وجهندي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته آذربائيجان ??ي پرڏيهي وزير جو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان ??و دورو پڻ متوقع آهي. هن وزيراعظم کي مختلف اداراجاتي مڪينزم ۽ ان ??والي سان ٿيندڙ اهم ملاقاتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. باڪو شهر جي خوبصورتي کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هو اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ اضافي جي حوالي سان ??اڪو جي طرز تي اڏاوتن جو خواهشمند آهي. هن اسلام آباد ۽ باڪو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدي جي تجويز پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ذربائيجان ??ان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ۽ صدر الهام عليوف جي جلد اسلام آباد جي دوري جو پڻ منتظر آهي.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ