اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سيمي ڪنڊڪٽر ??يڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري جي لاءِ وڏي صلاحيت موجود آهي، ملڪ وٽ ڀرپور قدرتي وسيلا، نوجوان، هنرمند افرادي قوت ۽ اهم جاگرافيائي بيهڪ آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ انڊسٽري جي ترقي ۾ مدد جي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ڳنڍي سگهجي ٿو. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ سيمي ڪنڊڪٽر سمٽ 2024ع کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي، اس??ن ملڪ ۾ ڪاروباري آسانين ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۾ ڀرپور قدرتي وسيلا ??وجود آهن، اس??ن دنيا جي پنجين وڏي جمهوريت آهيون ۽ دنيا کي ٻڌائڻ جي لاءِ اس??ن وٽ هڪ بهترين اسٽوري موجود آهي. هن چيو ته انساني وسيلا اس??ن جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن، اس??ن جي ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، دنيا ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ تي اس??ن کي تمام گهڻو فخر آهي، پاڪستان دنيا جي سنگم تي موجود آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 50 هزار انجنيئرنگ گريجوئيٽس تيار ٿين ٿا، اس??ن وٽ دنيا جون بهترين انجنيئرنگ يونيورسٽيون آهن ۽ اس??ن جي انجنيئرنگ گريجوئيٽس کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو وڃي ٿو پر بدقسمتي سان اس??ن سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري مان فائدو نه کڻي سگهياسين. سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري هن وقت 550 ارب ڊالر جي صنعت آهي جيڪا 2030ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر تائين پهچڻ جي اڳڪٿي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پيشيواراڻي تربيت ۽ هنرمندي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اس??ن کي ووڪيشنل ٽريننگ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هو هن سمٽ جي انعقاد ۽ عوامي ۽ نجي شعبي کي گڏ ڪرڻ تي منتظمين جو دل سان ٿورائتو آهي. هن چيو ته توهان ٺوس تجويزن سان گڏوگڏ قابل عمل حل پڻ تجويز ڪريو، توهان اس??ن کي انهن ڪوششن ۾ پاڻ کان هڪ قدم اڳتي ڏسندا. وفاقي وزير چيو ته چپ ڊيزائننگ کان وٺي اسڪل ڊيولپمينٽ تائين ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اس??ن وٽ اسڪل ڊيولپمينٽ سان گڏوگڏ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ ۾ مهارت موجود آهي. هن چيو ته تحقيق ۽ ترقي هڪ اهم شعبو آهي، توهان سيمي ڪنڊڪٽر جي شعبي ۾ ڪيترائي ڏهاڪا گذاريا آهن، توهان اس??ن جي رهنمائي ڪريو ته ڪهڙي طرح ان شعبي ۾ اس??ن اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته ان شعبي ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ڳنڍي سگهجي ٿو. اس??ن کي سيمي ڪنڊڪٽر ??يڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اس??ن جي معيشت کي وڏي پئماني تي مدد ملندي. هن چيو ته حڪومت جي ايندي ئي ڪجهه ڏينهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان وفدن جو اچڻ شروع ٿي ويو آهي، تازو ئي سعودي عرب جي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، ايندڙ هفتي ايران جي صدر جي آمد متوقع آهي. ان کانسواءِ بلومبرگ جهڙا عالمي رسالا ??ڻ چئي رهيا آهن ته ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ريسرچ ايينڊ اسڪل ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ٺوس تجويزون ڏين، حڪومت نه رڳو وسيلا ??هيا ڪندي پر ان سلسلي ۾ ڀرپور تعاون پڻ فراهم ڪندي.
پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري جي لاءِ وڏي صلاحيت موجود آهي، سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ڳنڍي سگهجي ٿو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری