اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نيشنل پلان فار فلڊ ٽيلي م??ٽري پروگرام تحت پوري م??ڪ ۾ مختلف ننڍن وڏن دريائن تي 707 ٽيلي م??ٽري اسٽيشن لڳايون وينديون. سينيٽ ۾ سينيٽر محمد همايون مهمند جي پاڻي وسيلن ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت رٿ تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پاڻي وسيلن واري وزارت نيشنل فلڊ پرويڪشن پلان چار جوڙيو، ٽن سالن جي غور ويچار کانپوءِ ان پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل 2 مئي 2017ع تي ان کي م??ظور ڪيو، ماڊل ريور ايڪڙ 2016ع ۾ منظور ڪري چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي هدايت ڪئي وئي ته پنهنجي ضرورتن موجب ان کي تبديل ڪري لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ان کي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، باقي صوبن ۾ منظوري مختلف مرحلن ۾ آهي، نيشنل پلان فار فلڊ ٽيلي م??ٽري پروگرام تحت پوري م??ڪ ۾ مختلف ننڍن وڏن دريائن تي 707 ٽيلي م??ٽري اسٽيشن لڳايون وينديون، ان منصوبي جي لاءِ پي سي ون ٺهي چڪي آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته 45 اسٽيشنز جي لاءِ جائيڪا تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، پنجاب ۽ سنڌ پنهنجي سمورن بئراجز جي توسيع ۽ جدت تي تيزي سان ڪم جاري رکيو آهي، پنجاب ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سکر ۽ گڊو بئراج تي ڪم جاري آهي، سنڌ ۾ 27 بلين جو فلڊ ڊيميج ريسٽوريشن ??را??يڪٽ مڪمل ٿي چڪو آهي، 2018ع ۾ واٽر پاليسي جي سي سي آئي م??ظوري ڏني، فلڊ ڪميشن ان پاليسي جو فريم ورڪ ٺاهي م??سٽري آف واٽر ريسورسز کي ڏئي ڇڏيو آهي، ان تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ جي حو??لي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي هئي ته جون 2022ع ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿيندي، اهي سڀ اندازا غلط ثابت ٿيا، پوري م??ڪ ۾ 175 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي، پنجاب ۾ سراسري طور 70 سيڪڙو وڌيڪ، سنڌ ۾ سراسري طور 425 سيڪڙو وڌيڪ، بلوچستان ۾ ساڍا چار سئو سيڪڙو ۽ گلگت بلتستان ۾ 107 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي. هن چيو ته ٻوڏ دريائن ۾ وڌيڪ پاڻي جي وهڪري جي ڪري نه آئي?? ٻوڏ برساتن جي ڪري ايندي آهي، ان جي گهرائي گهٽ ۽ ڦهلاءُ وڌيڪ هوندو آهي، انهي ڦهلاءُ جي ڪري وڌيڪ تباهي ٿي، انهي ڏس ۾ وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۾ نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان چار کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو چيو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ به حامي ڀري ۽ فني تعاون فراهم ڪيو، صوبن جي تعاون سان اپ ڊيٽڊ پلان تيار ٿي ويو آهي ۽ منظوري جي مرحلن ۾ آهي، فلڊ پروٽيڪشن سيڪٽر ??را??يڪٽ ٿري جي پي سي ون منظور ٿي وئي آهي، اقتصادي معاملن واري وزارت ان ڏس ۾ عالمي ڊونرز کان فنڊز جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ان کان اڳ پاڪستان ۾ پاڻي وسيلن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن تي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر ڊاڪٽر همايون مهمند چيو ته پاڪستان کي مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ ۽ پاڻي جي کوٽ درپيش رهندي، مستقبل ۾ ان چئلينج کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. سينيٽر ثناء جم??لي چيو ته پاڻي جي م??صفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ گهرجي. سينيٽر فوزيه ارشد چيو ته عوام ۾ پاڻي جي استعمال بابت آگاهي پيدا ڪرڻ گهرجي. سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، ان تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سينيٽر مولوي فيض محمد ۽ سينيٽر ثانيه نشتر پڻ بحث ۾ حصو ورتو.
نيشنل پلان فار فلڊ ٽيلي ميٽري پروگرام تحت پوري ملڪ ۾ مختلف ننڍن وڏن دريائن تي 707 ٽيلي ميٽري اسٽيشن لڳايون وينديون: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون