اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ۽ چيني نائب پرڏيهي وزير هر آزمائش تي پورو ل??ندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پاڪ چين دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ چين جي نائب پرڏيهي وزير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سمورن معاملن تي چين پاران پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي لاءِ سي پيڪ ج?? ا??ميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل فائدن جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوشش??ن جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن جي لاءِ چين جي تياري ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو. چين جي نائب پرڏيهي وزير شاندار ميزباني تي نگران پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻ?? ا??ميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ و??يڪ گهري تعا??ن جو خواهشمند آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل