اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف سان معاهدي ج?? سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزير??عظ?? شهباز شريف آءِ ايم ايف سان معاهدي ج?? سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? چيو ته ??وهان پاڪستان جي دوست ۽ خيرخواهه جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي عوام پاران توهان جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها بااعتماد دوست آهن، علائقائي ترقي ۽ امن جي لاءِ سريلنڪا جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ??ميد آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي وزير??عظ?? پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي خيرسگالي ج?? جذبن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست آهي، دوستن جي مدد ڪرڻ ئي دوستي آهي. سريلنڪا جي صدر وزير??عظ?? شهباز شريف جي مشڪل حالتن ۾ ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي صدر آءِ ايم ايف معاهدو طئي ٿيڻ تي وزير??عظ?? کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته وزير??عظ?? شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽڙ ڪرسٽلينا جارجيوا سان ملاقات جي موقعي تي سريلنڪا جي صدر زور ڏنو هو ته ??ءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد ڪري. سريلنڪا جي صدر ايم ڊي آءِ ايم ايف کي چيو هو ته ڪنگال ٿيڻ جي ڪري سريلنڪا کي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پيو، پاڪستان کي ان صورتحال کان بچايو وڃي.
وزيراعظم آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی