اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته م??يح?? برادري سميت اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، موجوده حالتن جي ڏس ۾ امن ۽ آشتي جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ م??يح?? برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڏينهن حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، هو امن جو پيغمبر هو، مذهبي تعليم ۾ اخوت، درگذر جو وڏو درجو آهي، دنيا ۾ ان پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. هن چيو ته هنو قت دنيا ۾ جنگيون ۽ قتلام ٿي رهيو آهي، ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ٿي رهيو آهي، سمورا چرچ ان ظلم ۽ جنگ جي نفي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. صدر چيو ته سيالڪوٽ واقعو شرمندگي جو سبب آهي. هن امن ۽ آشتي بابت اسلامي ۽ م??يح?? تعليم جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ان تعليم تي عمل ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير ??ير نورالحق قادري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي م??يح?? برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته الله جا سمورا نبي، پيغيمبر، مذهب امن ۽ محبت جو درس ڏين ٿا، اسان جو پيغام آهي ته پاڪستان سڀني جو آهي، ڀلي مسلمان، م??يح??، ه??دو يا ڪو به اقليت هجي هي ملڪ سڀني جو آهي، معاشري ۾ سمورين مذهبي ڌرين کي انهن جا حق حاصل آهن ۽ اهي عزت سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ ۾ اقليتن قائداعظم محمد علي جناح سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو، هندوئن سميت ٻين اقليتن موقعو هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري پارلياماني سيڪريٽري شنيلا روٿ چيو ته ڪرسمس جو پيغام امن ۽ ڀائيچارو آهي، حضرت عيسيٰ جي تعليم ۾ امن ۽ سلامتي جو درس ڏنو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ امن ۽ آشتي، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب قدم کڻي رهي آهي، موجوده حڪومت ڪرتارپور لنگهه سميت اقليتن جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
مسيحي برادري سميت اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز