اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته هو بلدياتي حڪومتن بابت پنهنجي ذميداري پوري ڪن، بلدياتي ن??ام سان جمهوريت مستحڪم ٿيندي آهي جڏهن ته اسلامي اصولن تحت عوام جي هيٺين سطح تي ڀلائي ۽ ترقي ۾ مدد ملندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي حڪومتن بابت قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان ڪانفرنس جي دوران مقامي حڪومتن بابت اتفاق راءِ سان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئين پاڪستان ۾ به ڪيترائي ڀيرا مقامي حڪومتن جو ذڪر ڪيوو يو آهي، هن چيو ته رياست موثر بلدياتي ن??ام جي ذميدار آهي ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا، تنهن هوندي به اهو صوبائي معاملو آهي ۽ صوبن کي بلدياتي ن??ام جي جوڙجڪ جي حوالي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اختيارن جي روهاست جمهوريت جو حسن آهي، جمهوريي حڪومت ۾ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا آهن، آمريت جي دور ۾ بلدياتي ن??ام تي وڌيڪ ڀاڙيو ويندو آهي. هن چيو ته دنيا جون پراڻيون تهذيبون دريائن جي ڀرپاسي موجود هيون، سنڌو درياءُ جي تهذيب ۾ بلدياتي ن??ام جا آثار نظر اچن ٿا ڇو ته ان دور ۾ سيوريج ۽ پاڻي جو مناسب انتظام هو، هن چيو ته بلدياتي ن??ام بابت ماضي ۾ ڪجهه خاميون هيون تنهن هوندي به ان حوالي سان آئين ۽ قانون ۾ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته دنيا ۾ هر ملڪ جي جمهوريت ٻين کان مختلف هوندي آهي، اهڙي طرح ڪو بلدياتي ن??ام به هڪ جهڙو ناهي هوندو، هن چيو ته مقامي سطح تي پاڻ ۾ جهيڙو جرڳي ۽ پنچائت جي ذريعي حل ڪيا ويندا هئا، هن چيو ته بلدياتي ن??ام بابت ڪانفرنس ۾ ڏنل مشورن کي سياسي حمايت حاصل آهي، اسان کي ماضي جي غلطين ۽ ٻين جي چڱاين مان سکڻ ??هرجي، اسان کي منصوبابندي ۽ پرعزم ٿي ڪري پنهنجي سوچ تي عمل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسلامي تاريخ ۾ حضور اڪرم ﷺ جن خلفاءِ راشدين ۽ اعليٰ عملدارن کي جيڪي ذميداريون ڏنيون ان مان هڪ ذميداري عوامي ??دم?? هئي، ان جو ما??هن سان رابطو رکڻ ضروري هو، هن چيو ته ڪنهن به عهدي تي ذميدار جو زندگي جو معيار اتي جي ما??هن جي رهڻي ڪهڻي جي موجب هجڻ گهرجي ته جيئن ان ۾ ما??هن جو احساس پيدا ٿي سگهي، گهر جو دروازو سدائين کليل رکيو، ما??هن سان رابطو رکو ۽ انهن جي ??دم?? ڪريو، انهن جي پريشانين جو احساس ڪرڻ سياسي عزم آهي، سم??رين سياسي پارٽين ۾ اهو جذبو هوندو آهي، هن چيو ته بلدياتي ن??ام ۾ اختيارن کي منتقل ڪيو ويندو آهي، وسيلن جي ورهاست ڪئي ويندي آهي، طاقت ۽ اختيارن ۾ گهٽتائي آندي ويندي آهي، انتظاميه جا اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا آهن، انتظامي ??دم??ن کي ورهايو ويندو آهي ته جيئن مقامي ما??هن کي نوڪريون ملي سگهن. صدر چيو ته اختيارن جي ورڇ جو مقصد اهو آهي ته نه ئي ڪنهن جي اجاره داري قائم ٿئي ۽ نه ئي انارڪي پيدا ٿئي، ان موقعي تي صدر شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا.
صوبائي حڪومتون بلدياتي حڪومتن بابت پنهنجي ذميداري پوري ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná