اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگ??ر ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فنڪار ۽ گلوڪار پاڪستان جو حقيقي چهرو آهن، گلگت بلتستان جو خطو تاريخي لحاظ کان اهميت رکندڙ خطو آهي ج??ڪو سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گلگت بلتستان جي بهادر ۽ ارڏي عوام سدائين پاڪستان جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جن نه رڳو ڊوگر کي ڀڄايو هو پر ان علائقي ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو، جشن ساز ۽ سامان ۾ هن خطي جي هڪ منفرد روحاني ڪردار ??لا??ه نصيرالدين نصير هنزالي کان روشناس ٿيڻ جو پڻ شرڪت ڪندڙن کي موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قراقرم جي صوفي موسيقي جا رنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا