ڪهوٽا – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مان بجلي ۽ گئس جي کوٽ ??تم ڪئي وئي آهي، جيڪي منصوبا سالن کان مڪمل نه ٿيا هئا انهن کي مڪمل ڪيو، اڻوڻندڙ حالتن جي باوجو?? ملڪ جي خودمختياري جو سودو ڪرڻ کانسواءِ معيشت کي مضبوط ڪيو، مسلم ليگ (ن) جا ڪم ڪنهن کان به لڪل نه آهن، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن، 2018ع جي عام چونڊن ۾ به عوام نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) کي سرخرو ڪند??، راولپنڊي ڪهوٽا رستي کي مانسهره کان ميرپور تائين موٽروي جي منصوبي سان ڳنڍيو ويندو، ان سان پورو علائقو ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. راولپنڊي ڪهوٽا رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ واري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۽ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن ڪهوٽا جي عوام جا ٿورا مڃ??ا جنهن جلسي جو اهتمام ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر