اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪ چين لاڳ??پا گڏيل اعتماد ۽ امن ۽ ترقي جي گڏيل ڪوششن تي ٻڌل آهن. لوڪ ورثه ۾ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي چيني سفير سن وي ڊونگ، سندس گهرواريءَ بائوزي چنگ ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فوزيه سعيد پڻ موجود هئي. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳ??پا گڏيل افهام تفهيم، اعتماد ۽ امن ۽ ترقي جي گڏيل ڪوششن تي ٻڌل آهن، حڪومتن جي تبديلي جي باوجود ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳ??پا سدائين خو??گوار رهيا ۽ آزمائش جي هر گهريءَ تي پورا لٿا آهن.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری