تھران-25 نومبر (اي پي پي) ايران 29 نومبر تي ٽن يورپي ملڪن سان تڪراري ايٽمي پروگرام بابت ڳالھيون ڪندو. پرڏيهي خ??بر?? اداري مطابق ايران جي پرڏيھي ??زارت جي ت??جم??ن اسماعيل بغائي گڏيل قو??ن جي ايٽمي نگران اداري طرفان ايران خلاف ٺھراءُ منظور ٿيڻ جي ڪجھه ڏينھن کانپوءِ گذريل ڏينھن چيو ته ايران، فرانس، جرمني ۽ برطانيه جا نائب پرڏيھي ??زير انهن ڳالھين ۾ حصو وٺندا، جنھن ۾ علائقي جي مسئلن سان گڏو گڏ ايٽمي دستاويزن جو به جائزو ورتو ويندو. ت??جم??ن اھو ناھي ??ڌايو ته ڳالھيون ڪھڙي ھنڌ ٿينديون. ھن چيو ته علائقائي صوتحال بابت ڳالھه ٻولھه ۽ فلسطين، لبنان جي مسئلن ۽ ايٽمي ڳالھين سميت ڪيترين ئي ٻين ڳالھين تي خيالن جي ڏئي وٺ ڪئي ويندي. ھن چيو ته اھا ملاقات ايندڙ جمعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ايران ھميشه کان ان ڳالھه تي يقين رکي ٿو ته ايٽمي مسئلن کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ گھرجي ۽ ايران ان جي ڪري ئي ڳالھيون بند ناهن ڪيون.
ايران 29 نومبر تي ٽن يورپي ملڪن سان تڪراري ايٽمي پروگرام بابت ڳالھيون ڪندو
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری