پيرس -17 اپريل (اي پي پي)يورپ جي فلڪيات ماهرن ڪهڪشائن ملڪي وي ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن جي ڪميت سج کان 33 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ اهو بليڪ هول زمين کان 2 هزار نوري سال جي مفاصلي تي وا??ع آهي. گارڊين موجب بليڪ هول جنهن کي Gaia BH3 جو نالو ڏنو ويو آهي يورپي خلائي ايجنسي گايا جيڪا ملڪي وي ج?? نقشو تيار ڪرڻ لاءِ وقف آهي ج??هن مشين ذريعي ج??ع ڪيل ڊيٽا جي تجزئي دوران بليڪ هو?? کي دريافت ڪيو آهي. بليڪ هول ان وقت دريافت ٿيو جڏهن سائنسدانن ان جي ويجهو گردش ڪندڙ هڪ ستاري ج?? غيرمعمولي لهردار حرڪت جو مشاهدو ڪيو. بليڪ هول ستارن جي زندگي ج?? پڄاڻي تي انهن جي ٽٽڻ سان پيدا ٿيندا آهن. اسان جي ڪهڪشان ملڪي وي ۾ دريافت ٿيل بليڪ هول بي ايڇ ٿري هڪ غير فعال بليڪ هول آهي ج??ڪو پنهنجي ويجهي ترين ستاري کان به تمام گهڻو پري آهي. واضح رهي ته گايا جو مشن گذريل 10 سالن کان زمين کان 15 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي فراهم ڪيل ڊيٽا مان هڪ ارب 80 ڪروڙ ستارن جي پوزيشن ۽ حرڪتن جو ٿري ڊي نقشو تيار ڪيو پيو وڃي.
يورپي فلڪيات ماهرن پاران ملڪي وي ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil