گڏيل قومون-26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته جيڪڏهن عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) ??زه ۾ اسرائيل جي جنگي ڏوهن بابت ڪيس هلائڻ لاءِ فوري قدم نٿي کڻي ته ان مقصد لاءِ هڪ نئون خصوصي ٽربيونل قائم ڪيو وڃي، اها ڳالهه مناسب رعايت جي حقن بابت گڏيل قومن جي خصوصي ??ما??ندي بالاڪرشنن راجا گوپال ايڪس تي پنهنج?? پوسٽ ۾ چئي. هوڏانهن نيدرلينڊ ۾ لبيا جي سفير چيو ت?? سندس ملڪ ۽ فلسطيني قيادت هيٺ رياستن جي هڪ گروپ اسرئايل خلاف آءِ سي سي ۾ ڪيس درج ڪرايو آهي، جنهن جو مقصد اسرائيل جي فوج هٿان ??زه ۾ وڏي پيماني تي ٿيل قتل تي قانوني رستو اختيار ڪرڻ آهي. ??زه پٽيءَ ۾ اسرائيل جي جنگ جي شروعات کان هاڻ تائين 20 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ان کان علاوه تمام وڏي آباديءَ کي خوراڪ، پاڻي، طبي سهولتن ۽ بجليءَ کان پڻ محروم ڪيو ويو آهي. فرانس جي وڪيل ان ڳالهه جي تصديق ڪندي آءِ سي سي وٽ درج ڪيل ڪيس ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي. سڄي دنيا جي وڪيلن جي هڪ گروپ کي آءِ سي سي آڏو مظلوم فلسطينين جي ??ما??ندگيءَ لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي. هيڪ ۾ قائم آءِ سي سي کي 17 نومبر تي ??زه پٽي ۽ اولهه ڪِناري ۾ اسرائيل طرفان ڪيل جنگي ڏوهن جي جاچ لاءِ 5 ملڪن مان اپيلون مليون آهن.
عالمي فوجداري عدالت غزه ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف ڪو ڪيس هلائڻ لاءِ فوري قدم نٿي کڻي ته نئون خصوصي ٽربيونل قائم ڪيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل