گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ موجود تحريڪ طالبان پاڪستان کي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم افغانستان جي صورتحال تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ داعش جي خاتمي کانپوءِ ننڍا ??هش??گرد گروپ ٽي ٽي پي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا جيڪي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن، هن چيو ت?? جيستائين ٽي ٽي پي ۽ ٻين ??هش??گرد گروهن جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي اهي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۽ امڪاني طور تي عالمي برادري لاءِ سدائين خطرو بڻيل رهندا. هن چيو ت?? ٽي ٽي پي پاڪستاني فوجي چوڪين ۽ پاڪستان جي اندر شهري هدفن تي سرحد پار کان ??هش??گرد حملن جي ذميوار آهي. نالي وٺڻ کانسواءِ ڀارت طرف اشارو ڪندي هن چيو ت?? خطي ۾ حالتن کي خراب ڪندڙ ملڪن طرفان ٽي ٽي پي جي سرپرستي سان انهن خدشن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن افغانستان جي طالبان حڪومت جي داعش خراسان ۽ داعش جي ??هش??گردن خلاف جنگ ۾ ڪجهه حد تائين حاصل ٿيل ڪاميابي جي باري ۾ ڳالهه ڪئي ۽ کين بي اثر ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ سهڪار جي عزم جي تصديق ڪئي. هن چيو ت?? ٽي ٽي پي جا ??هش??گردن طرفان پرڏيهي فوج جا ڇڏيل جديد فوجي ساز ۽ سامان حاصل ڪرڻ ۽ استعمال سبب سرحدي حملا وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويا آهن، هن چيو ت?? پاڪستان اندر ٽي ٽي پي حملن ۾ وڌيڪ افغان شهري شامل آهن. منير اڪرم چيو ت?? افغان حڪومت افغانستان لاءِ پاڪستان جي خصوصي ايلچي آصف دراني کي انهن حملن ۾ ملوث ٽي ٽي پي عنصرن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان مان ڊالر جي افغانستان ا??مگ??نگ جي پاڪستان جي معيشت ۽ پاڪستاني ڪرنسي جي قدر تي تباهي آڻيندڙ اثر پيا آهن تنهن هوندي به موجوده حڪومت طرفان ڪرنسي جي ا??مگ??نگ خلاف موثر ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ صورتحال مستحڪم ٿي آهي. هن زور ڀريو ت?? افغان بئنڪنگ سسٽم کي بحال ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين ملڪ رکيل افغانستان جا قومي اثاثا آجا ڪرايا وڃن ۽ کين افغانستان کي واپس ڪيو وڃي ۽ ??رق??اتي منصوبن لاءِ افغانستان جي مالي امداد بحال ڪئي وڃي، هن چيو ت?? اسان پاڪستان، افغانستان، وچ ايشيا سان گڏوگڏ پاڪستان – چين ۽ افغانستان وچ ۾ علائقائي رابطن جي منصوبن جي جلد لاڳو ڪرڻ جا منتظر آهيون.
ٽي ٽي پي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، افغانستان جا پرڏيهه ۾ پيل اثاثا آجا ڪرايا وڃن: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری