اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاق?? وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي ??يڪ) رٿا پاڪستان ۾ بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، پاڪستان چين سان گهري صنعتي تعاون جو خواهشمند آهي. وفاق?? وزير دي باو فورم فار ايشيا جي سالياني ڪانفرنس 2023ع ۾ شرڪت کان ??وءِ بيجنگ پهتو جتي هن پاور چائنا جي صدر چان گوانفو سان ??لاقات ڪئي. وفاق?? وزير سي ??يڪ جي ڪاميابي ۾ چين جي ڪاروباري ادارن جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو عوام ڪڏهن به نه وساريندو ته چين انهن جي ان ??قت مدد ڪئي جڏهن پورو ملڪ بجلي جي کوٽ سبب اونداهي ۾ ٻڏي رهيو هو. سي ??يڪ توانائي جي رٿا ذريعي پاڪستان ??نهنجي توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پاور چائنا جي پاڪستان سان ??راڻي دوستي ۽ پاسڪتان جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر کي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي اهم منصوبا شروع ڪيا آهن جن ۾ پورٽ قاسم ۾ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس، حويلي بهادر شاهه ۾ آر ايل اين جي پاور پلانٽ ۽ داد ونڊ پاور پراجيڪٽ شامل آهن. هن پاور چائنا کي شمسي توانائي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ??نه?? لاءِ حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شروع ڪرڻ جي لاءِ خاص قدم کنيا آهن. هن پاور چائنا کي حڪومت طرفان ??نصوبن تي عملدرآمد ۽ سڀئي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ان بعد چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي چيئرمين مسٽر ڊوفي وفاق?? وزير سان ??لاقات ڪئي. وزير چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اهميت تي زور ڀريو، جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) جو اهم منصوبو آهي جيڪو گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ?? بنيادي ڍانچي کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيو آهي. هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي م رابطي جي منصوبن جي ڪردار تي به روشني وڌي. ان سلسلي ۾ هن 1966ع ۾ ڪي ڪي ايڇ جي تعمير کان ??ٺي 18-2017ع ۾ حويليان-ٿاڪوٽ موٽر وي جي تعمير تائين پاڪستان ۾ اهم ٽرانسپورٽ ۽انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ سي آر بي سي جي سهڪار جو اعتراف ڪيو. وفاق?? وزير تجويز ڪيل ڪراچي ڪوسٽل ڪمپري هينسو ڊولپمينٽ زون منصوبي جي آجيان ڪئي، ??نه?? ۾ ڪراچي ۾ 3 بلين ڊالرن کان ??ڌيڪ سيڙپڪاري، بابوسر ٽنل پراجيڪٽ، نئين ڪراچي حيدرآباد موٽر وي الائمنٽ (ايم نائين) جي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ۽ ٻيا اهم پروجيڪٽ شامل آهن. وفاق?? وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي منصوبا سياحت، آءِ ٽي، بندرگاهن، جهاز راني ۽ خدمتن لاءِ اڀرندڙ مرڪز طور ڪم ڪندا ڇو ته ان سان باصلاحيت نوجوانن لاءِ هزارين نيون ملازمتون به پيدا ٿينديون. هن تجويز ڪيل منصوبن جي ڪامياب لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ??ڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. وفاق?? وزير چين ۽ پاڪستان ??چ ۾ خصوصي دوستي ۽ مضبوط ڀائيچاري تي به روشني وڌي جيڪا وقت جي آزمايل ۽ لازوال آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ڏني ويندي ۽ اسان جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوام جي رابطن کي هٿي ڏني ويندي ته جيئن اسان جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ۽ هڪ ٻئي جي ملڪن جي ڀرپور تاريخ، قدرتي خوبصورتي ۽ ثقافتي ورثي کي ڳولڻ لاءِ هٿي وٺرائي سگهجي. چيني ڪمپني جي نمائندن سي ??يڪ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ وفاق?? وزير جي سهڪار کي ساراهيو ۽ سي ??يڪ سهڪار کي اڳئين مرحلي ۾ وٺي وڃڻ ۾ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. هن ڪمپنين جي خدشن کي ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ وفاق?? وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن کين يقين ڏياريو ته وزيراعظم شهباز شريف ذاتي طور سي ??يڪ منصوبن جي اڳڀرائي جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ نئين حڪومت ان ئي رفتار کي بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ??نه?? رفتار سان 18-2013ع ۾ سي ??يڪ اڳتي وڌي رهيو هو.
وفاقي وزير احسن اقبال طرفان پاور چائنه ۽ چائنه روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي سربراهن سان ملاقاتون، سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ چين جي واپاري ادارن جي سهڪار جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا