ڪراچي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جو سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. جار?? پڌرائي موجب پاڪ بحريه جا جوان سنڌ جي مختلف علائقن سانگهڙ، ميهڙ، سلطان ڪوٽ، شاهه بندر، دولت پور، چوهڙ جمالي، سجاول ۽ ٺٽي ۾ امدادي ڪارروين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پاڪ بحريه سنڌ سان گڏوگڏ امدادي ڪارروائين جو دائرو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن تائين وڌائي ڇڏيو آهي، پاڪ بحريه جا جوان ٻيڙين ۽ هيلي ڪاپٽرن ذريعي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهن. پاڪ بحريه طرفان متاثرن ۾ راشن بيگ، تيار کاڌو، صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون پيون وڃن. پاڪ بحريه طرفان راجن پور، سانگهڙ ۽ ڊي آءِ خان ?? ميڊيڪل ڪيمپس کانسواءِ مختلف علائقن ۾ موبائيل ميڊيڪل ٽيمون به ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪ بحريه جي جوانن ڊيره اسماعيل خان ?? چشمه روڊ جي عارضي مرمت کانپوءِ ان کي عام ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو آهي.
پاڪ بحريه پاران ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں