اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيد??ري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري دوران 8 معاهدن تي صحيحون ٿينديون، ايندڙ ٻن سالن ۾ سعودي عرب پاران 7 ارب ڊالر جي سيڙپڪ??ري جي اميد آهي، سعودي عرب تيل ۽ گئس، زراعت، توانائي، پيٽرو ڪيميڪل، خوراڪ، زراعت، پروسيسنگ، ڪنسٽرڪشن سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ سيڙپڪ??ري جي خواهش ظاهر ڪئي ??هي، سعودي عرب 30 سالن کانپوءِ وزيراعظم کي اسٽيٽ وزٽ ڏنو، ميونخ ڪانفرنس جي موقعي تي افغان صدر اشرف غني سميت روس، ڪئناڊا، ازبڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون ٿينديون. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪ??ري و??ري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪ??ري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير ??يو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ??ه سعودي عرب سان لاڳاپا سردمهري جو شڪار هئا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٻئي پٺيان دورن سان سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ خوشگوار تبديلي آئي ??هي.
سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش