اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت نئين پ??ليسي موجب تفريحي ۽ فلم انڊسٽري کي ترجيحي بنيادن تي هٿي ڏيندي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي ۽ ٻين م??مب??ن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ذاتي پروجيڪشن جي لاءِ اشتهارن تي تمام گهڻو خرچ ڪيو ۽ اڳوڻي وفاقي حڪومت 17 ارب رپيا اشتهارن تي خرچ ڪيا ۽ جيڪڏهن ان ۾ پنجاب جي حڪومت پاران اشتهارن تي خرچ ٿيندڙ رقم پ?? شامل ڪئي و??ي ته اها 40 ارب رپين تائين پهچي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات