اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت اڳتي وڌي ر??ي آهي، جولاءِ ۾ عام چونڊون ٿينديون، چونڊن ۾ عوام پنهنجي راءِ ذريعي نئين حڪومت جو فيصلو ڪندي. ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي نارٿ بائونڊ ڪيرج وي جو افتتاح ڪندي وزيراعظم چيو ته کيس اڄ هن منصوبي جو افتتاح ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي ر??ي آهي، لياري ايڪسپريس وي جو منصوبو ڊگهي عرصي کان پڄاڻي هيٺ هو، اهو منصوبو مختلف مشڪلاتن ۽ مسئلن ج?? شڪار هو جن ۾ قبضا ۽ فني نوعيت جا مسئلا شامل هئا، بدقسمتي سان قبضا اهڙي طرح ڪيا وڃن ٿا جو انهن کي هٽائڻ مشڪ?? هوندو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت، ڪراچي جي شهري حڪومت ۽ هاڻي ايف ڊبليو او جي مدد سان انهن مسئلن تي ضابطو آندو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا