اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊ??ر چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سيپٽمبر مهيني جي ل??ءِ پيٽروليم مصنوعات جي موجوده قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽيڪس معاملن ۾ گڏيل انتظامي مدد بابت 14 سيپٽمبر 2016ع تي پيرس ۾ او اي سي ڊي تحت گهڻ رخي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آ??ي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پڻ ان موقعي تي موجود هو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي پائيدار ترقياتي هدفن جي پروگرام، ٻٽن ٽيڪسن کان پاسو ڪرڻ ۽ آمدني تي ٽيڪس جي حوالي سان مالياتي چوري کي روڪڻ جي ل??ءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن جي ل??ءِ ٽئين پروٽوڪول ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني آ??ي، آمدني تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڪنوينشن تي نظرث??ني ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا ٽيڪس قانون ترميمي آرڊيننس 2016ع ۽ پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس جي تعين جي پڻ منظوري ڏني.
ڪابينا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا