ٽوڪيو -04 اپريل (اي پي پي ) جاپان جي خصوصي ايلچي يميورا تسوڪسا چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن ، غزه تڪرار گهٽائڻ ۽ انساني امداد فراهم ڪرڻ جون سعودي ڪوششون جاپاني پاليسي سان م??ندڙ آهن . اين ايڇ ڪي موجب جاپان جي خصوصي ايلچي سعودي عرب ، قطر، اردن ۽ گڏيل عر ب امارات جي د??ري تي آهن پنهنجي د??ري د??ران هن سعودي عرب ۾ سياسي معاملن جي انڊر سيڪرٽري ڊاڪٽر سعود بن محمد السااطي ۽ ڪنگ سلمان امدادي مرڪز ج اسسٽنٽ سپر وائزر جنرل آپريشنز اينڊ پروگرامز احمد بن علي البائز سان م??اقات ڪئي يميورا تسوڪسا جي د??ري جو مقصد عرب مل??ن ۽ عالمي تنظيمن سان ويجها ناتا ڪري غزه تڪرار گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي ج??پان جي خصوصي صلحڪار جي بيان م??جب سعودي عرب جاپان جي پاليسي موجب غزه تڪرار گهٽ ڪرڻ ۽ انساني امداد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي يميورا تسو ڪسا ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل قرارداد 2728 کي ج??پان جي سربراهي ۾ منظور ڪيو قرارداد ۾ غزه ۾ رمضان شريف ۾ فوري جنگ بندي ۽ حماس جي حراست هيٺ يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط رهائي جو مطالبو ڪيو هيو .
غزه لاءِ سعودي ڪوششون اسان جي پاليسي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون: جاپان جو خصوصي ايلچي
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب