واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪس??ان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت جڙانوالا سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آ??ڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستاني ڪميونٽي جڙانوالا سانحي جي جي زخمن تي ??ره?? رکڻ ۾ مدد ڪري. ه?? آمريڪي رياست جارجيا جي گاديءَ واري هنڌ اٽلانٽا جي مسيحي اڳواڻن سان ورچوئل اجلاس دوران چيو ته جڙانوالا ۾ 16 آگسٽ تي ٿيل واقعو اسان جي معاشري ۽ اسان جي مذهبي تعليم جي ابتڙ آ??ي. ??ذهب اسلام انسانيت جي لاءِ امن جو درس ڏئي ٿو. هي اجلاس پاڪستاني آمريڪن فريڊز آف اٽلانٽا ٽيم طرفان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گلوريا جوزف، شارون فرحت، سولو مون لوڪ، جوناٿن ميسي، فليويا ڀردواج، ڊيوڊ سيسل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاڪس??ان سفير چيو ته اسان جو معاشرو هڪ جامع معاشرو آهي ۽ رهندو. جڙانوالا سانحي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، 16 آگسٽ جو ڏينهن پاڪس??ان لاءِ ڪارو ڏينهن هو، جڏهن اسان جي معصوم ماڻهن کي تڪليف پهچائي وئي. چرچز ساڙيا ويا. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪس??ان جي قيادت، سول سوسائٽي ۽ سڀني مذهبي جماعتن جي سربراهن ان واقعي جي مذمت ڪئي آ??ي. ??اڪستاني سفير چيو ته پاڪستاني هڪ معاشري طور گڏ رهن ٿا ۽ مسيحي برادريءَ طرفان پاڪس??ان جي سماجي اقتصادي ترقيءَ لاءِ تعاون اسان لاءِ فخر جوڳو آ??ي. ??ن پاڪ آمريڪن ڪميونٽيءَ کان مطالبو ڪيو ته جڙانوالا سانحي جي متاثرن جي ان مشڪل وقت ۾ زخمن تي ??ره?? رکڻ ۾ مدد ڪن. پاڪستاني سفير جڙانوالا جي متاثرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. هن انتهاپسندي جي لهر سان ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪميونٽي اڳواڻن سان ڳالهين ۽ رابطي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
جڙانوالا سانحي جي متاثرن جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪريو: سفير مسعود خان جي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي کي اپيل
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل