اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني ??نيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي شموليت جي ضرورت تي زور ڏ??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعم??لي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس آجيان ڪئي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعم??لي اجلاس ۾ سندس شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني ??نيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي ڳالهين جي ضرورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مس??ما??ن کي درپيش اسلامو فوبيا جي چئلينج کي پڻ اجاگر ڪيو. هن تجويز ڏني ??ه او آءِ سي سڄي دنيا جي ماڻهن کي حضرت محمد ﷺ سان مس??ما??ن جي محبت ۽ عقيدت مندي کان آگاهي جي لاءِ قيادت ڪري. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ??قن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. او آءِ سي پاران ڪشميرين جي ڀرپور حمايت کي ساراهيندي هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي حمايت جاري رکي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل افغان عوام کي درپيش انساني ??حران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعم??لي اجلاس گهرائڻ تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ڀرپور ميزباني ??ي پاڪستان ۽ ان جي عوام جا پڻ ٿورا مڃيا.
افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي شموليت جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی