اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قدرت?? آفتن سان مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪاران کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرت?? آفتن ۾ متاثرين کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر، اليگزينڊر ميٿيوس سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي انجمن هلال احمر پاڪستان جي چيئرمين ابرابر الح?? به موجود هو. صدر عارف علوي چيو ته قدرت?? آفتن کي مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪارن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرت?? آفتن ۾ متاثرين کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، هن چيو ته هلال احمر پاڪستان ڪورونا جي دوران عوام کي صحت جون سهولتون پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حڪومت جي ڪورونا جي دوران ڪامياب سمارٽ لاڪ ڊائون پاليس?? جي ڪري صورتحال ضابطي ۾ رهي. صدر چيو ته حڪومت ڪورونا جي دوران ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فنڊ مختص ڪيا. صدر هلال احمر پاڪستان جي مدد فراهم ڪرڻ تي انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي ڪردار کي ساراهيو.
قدرتي آفتن سان مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪاران کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال