اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اهڙي طرح اسان تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وا??ي وفاقي ??زي?? شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب، ??زي??اعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نئون پاڪستان هائوسنگ ??ين?? ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم کي لاهور ۾ جاري ڪيڊاسٽريل ميپنگ مشق تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته منصوبو ٽريڪ تي آهي ۽ 15 نومبر 2021ع تائين مڪمل ٿي ويندو. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي لاهور جي زمين رڪارڊ کي جلد کان جلد ڊيجيٽل ڪرڻ کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن زمين تي قبضا مافيا ۽ قبضن جي خلاف هڪ عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. ??زي??اعظم کي هائوسنگ ??ين?? ورڪس وا??ي وزارت تحت مختلف هائوسنگ منصوبن جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ ??ين?? ورڪس وا??ي وزارت 86323 هائوسنگ يونٽس تعمير ڪري رهي آهي جن جي مجموعي لاڳت 463 ارب رپيا آهي، ان جي مختلف منصوبن تحت ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ تيزي سان 200000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، 2314 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جون م??اش?? سرگرميون پيدا ٿينديون. ??زي??اعظم عمران خان ڳالهه کي ورجايو ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ عمودي رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اها نه رڳو تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪندي پر ڊيجيٽلائيزڊ ڪيڊاسٽريل ميپنگ موجب شهرن جي زمين جي موثر استعمال کي پڻ يقيني بڻائيندي.
ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا