اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ مت??وع ثقافتي ورثو موجود آهي جنهن جي ڪيوبا جي عوام سان مٽا??ٽا ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيرو گونزيلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته جوائنٽ پروڊڪشنز جي شعبن ۾ ت??اون سان اسان کي هڪ ٻئي جي قدرن ۽ معاشرتي اصولن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن ميڊيا، اطلاعات ۽ ڪميونيڪشن جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ت??اون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيوبا جي سفير کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ Latin Press of Cuba جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ ت??اون سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ م ميڊيا وفدن جي مٽا??ٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ڪيوبا جي سفير ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير جي تجويز کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف گڏيل قدرن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ جعلي خبرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa