واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار سان ملاقات ڪئي آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنه??جي آمريڪا جي دورين جي موقعي تي وائيٽ هائوس، واشنگتن ۾ آمريڪا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ايمبسڊر رابرٽ اوبرائن سان ملاقات ڪئي، سندس اها ملاقات سيپٽمبر 2019ع ۾ مقرر ٿيندڙ نئين آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار سان پهرين باضابطا ملاقات آهي. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ??طر??ن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں