اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيو آهي ته قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ جي اڳوڻن حڪمرانن جون شاهي خرچيون قوم کان ڳجهيون ناهن، ??اضي جي حڪمرانن جي ابتڙ وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري تي صرف 67 هزار هڪ سئو 80 ڊالر جا ??رچ آيا، زرداري ۽ نواز حڪومتون مسلسل قوم جي پٺي تي قرضن جو بار وڌائينديون رهيون، ??نهي پارٽين جي قيادت ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو پنهنجي عياشين تي ??رچ ڪندي رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله خان نيازي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته ??نهن پاڪستان کي قرضي بڻايو ۽ ڪنهن ٽيڪس جي پئسن تي ڪيتري عياشي ڪئي اها ڳالهه هاڻي ڪنهن کان ڳجهي ناهي، هن چيو ت?? زرداري 2009ع ۾ واشنگٽن ويو ت?? 7 لک 52 هزار 668 ڊالر جو ??رچ آيو، نواز شريف 2013ع ۾ واشنگٽن ويو ت?? 5 لک 49 هزار 853 ڊالر ??رچ ٿيو، عمران خان 2019ع ۾ وزيراعظم طور واشنگٽن ويو ت?? صرف 67 هزار 180 ڊالر ۾ دورو مڪمل ٿي ويو، انهي طرح نيويارڪ جي سرڪاري دورن تي ٿيندڙ خرچن ۾ به واضح فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ جي اڳوڻن حڪمرانن جون شاهي خرچيون قوم کان ڳجهيون ناهن: سيف الله خان نيازي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا