اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? امن جي علامت طور ڀا??تي پائليٽ کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ تڪرار ڪشمير جي ??ري آهن، نريندر مودي ۽ هندستان کي اسان جو پيغام آهي ته هو انتها طرف معاملن کي نه وٺي وڃن، ا??هن کي هاڻي ان کان اڳتي نه وڌڻ گهرجي، هندستان جيڪو به ڪندو پاڪستان ان جو جواب ڏيڻ لاءِ مجبور هوندو، پاڪستان ۽ ڀارت وٽ جهڙي طرح جا هٿيار آهن ان ۾ ته جنگ جو سوچي نه نٿو سگهجي، اسان جي فوج بهترين جنگ وڙهڻ واري فوج آهي، ثبوت ڏيڻ بدران ڀارت ۾ جنگي جنون کي هٿي وٺرائي وئي. پارليامينٽ هائوس جي گڏيل اجلاس کي خطاب کي وزيراعظم عمران خان چيو ته موجوده صروتحال ۾ پارليامينٽ ج??هن اتحاد جو مظاهرو ڪيو اهو واکاڻ جوڳو آهي، هن وقت ٻاهرين خطرن جي ??ري پوري پاڪستاني قوم متحد آهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa