لاهور – 11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته 11 ۽ 12 ربيع الاول تي و??اق?? گادي واري شهر ۾ سيرت النبي صه ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ امام ڪعبه، گڏيل عرب امارات جي مفتي اعظم، مي?? واعظ عمر فاروق، الازهر يونيورسٽي جي مفتين سميت آمريڪا ۽ برطانيا سميت سڄي دنيا جا مفتي ۽ ديني عالم شرڪت ڪري پنهنجا مقالا پيش ??ندا. ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم عمران خان ڪندو. ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب جو خصوصي مهمان صدر هوندو. وزير چوڌري ف??اد حسين وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جو طاقتور طبقو احتساب جي چنبي ۾ نٿو اچڻ چاهي، هن ڀيري رياست جو بيانيو تبديل ٿيو آهي ۽ آئين ۽ قانون جي حڪمراني سميت فڪري سوچ پاڪستان دشمن قوتن جي خلاف بيٺل هجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو ڪالهه آچر ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳاله??ئي رهيو هو.
حڪومت 11 ۽ 12 ربيع الاول تي سيرت النبي صه ڪانفرنس منعقد ڪندي: چوڌري فواد
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری