اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته مرڪز کانسواءِ پنجاب، ڪي پي ڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جون حڪومتون ٺهنديون جڏهن ته بلوچستان حڪومت ۾ پڻ شريڪ ه??نداسين، عوام جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح هوندي، پاڪستان جي عوام کي سنهري دور شروع ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌايون ٿا، عوام جي ڀلائي لاءِ فوري طور انقلابي قدم کنيا ??ين??ا، عوام جا وسيلا عوام تي ئي خرچ ٿيندا، معيشت سميت ملڪ کي درپيش چئلينجن کي موثر طور تي منهن ڏنو ??ين??و. هن اها ڳالهه صحافين سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان پارٽي قيادت جي مشاورت جاري آهي، ڪرا??ي ۾ به 14 سيٽن سان ٻي سياسي پارٽي بڻجي اڀري آهي ۽ اها وڏي اهميت رکندڙ ڳالهه آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم