اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) بجلي جي ورڇ، رسد، لوڊشيڊنگ ۽ بلنگ جي صورتحال نيٽ ميٽرنگ ۽ ٻي معلومات آن لائين حاصل ڪرڻ لاءِ ”روشن پاڪستان“ جي نالي سان موبائيل ايپليڪشن جاري ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته پاور ڊويزن واري وفاقي وز??ر سردار اويس احمد خان لغاري چيو آ??ي ته حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آ??ي. رهتن جي وصولي ۽ بجلي جي چوري جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، لائين لاسز جا انگ اکر به موبائيل ايپ ذريعي حاصل ٿي سگهندا، نئين سسٽم سان صارفين ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ پنهنجن فيڊرن تان بجلي جي فراهمي جو پاڻ جائزو وٺي سگهندا. آفيسرن کي صارفين آڏو جوابده بڻائينداسين. پاور ڊويزن واري وزارت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڪجهه عنص??ن طرفان حڪومت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ جو شيڊيول ڪجهه هفتا اڳ ئي ڏنو هو ۽ بجلي جي پيداوار ۾ اضافي ۽ موبائيل ايپليڪيشن جاري ڪرڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آ??ي.
توانائي واري وزارت پاران روشن پاڪستان نالي سان موبائيل ايپليڪيشن جاري
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن