اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب بهاولپور جي تعلقي احمد پور شرقيه ۾ ٿيندڙ آئل ٽينڪر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن موجب زخمين کي هر ممڪن سهولتون ڏنيون پيون وڃن، پنجاب جو وڏو وز??ر محمد شهباز شريف امدادي ??من ۽ ريسڪيو س??گرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي ۽ متاثرين جي هر ممڪن امداد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. مختلف ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ته اهو هڪ وڏو ۽ افسوسناڪ سانحو آهي، ان کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀني کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پورو ڌيان متاثرين جون جانيون بچائڻ تي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، فوج ۽ ريسڪيو ادارا متاثرين جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada