لاهور – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي، معاشي ذميوارين سان گڏ??گڏ ثقافتي ۽ تاري??ي ورثي جي حفاظت جون ذميوارين بهتر طريقي سان پوريون ڪري رهي آهي پر ماضي جي حڪومتن پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون جنهن تي عوام کي ماضي جي حڪمرانن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي جيڪي ملڪ کي اونداهي طرف وٺي ويا. هو گريٽر اقبال پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اهو لکي هڻڻ گهرجي ته گريٽر اقبال پارڪ ڪنهن ڌرڻي جي جاءِ نه آهي ڇو ته ڌرڻي وارا اهڙين جاين جي ڳولا ۾ رهندا آهن، هن چيو ته هن وقت ٽي سال اڳ واريون حا??تون نه آهن پر ملڪ ۾ تبديلي ۽ خوشحالي اچي رهي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت توانائي جا منصوبا شروع ڪيا جنهن سان ملڪ روشن ??يو آهي ۽ روشنيون بحال ٿي رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : apostas quina