نيويارڪ – 21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ تڪرارن، جنگ، غربت، اڻبرابري، مذهبي عدم برداشت ۽ موسمياتي تبديلي جي عالمي چيلنجن کي ا??اگر ڪندي جنگ سبب تباهه غزه ۾ فلسطينين جي مسئلن جي خاتمي لا??ِ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ آفيس ۾ نوروز جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد هڪ خاص تقريب کي خطاب ڪندي سفير منير اڪرم چيو ته نوروز رڳو جشن جو نالو ناهي، اهو عڪاسي جو وقت آهي. هن چيو ته ان موقعي تي اچو ف??سطين ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ياد ڪريون جيڪي جاري الميي ۽ تڪرارن کي برداشت ڪري رهيا آهن، ڇو جو اسان سڀني لا??ِ امن ۽ انصاف جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ان خاص تقريب جو اهتمام افغانستان، آذربائيجان، ڀارت، ايران، عراق، قازخستان، ڪرغزستان، پاڪستان، تاجڪستان، ترڪي، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان طرفان ڪيو ويو. سفير نوروز جي روح کي بيان ڪرڻ لا??ِ ان موقعي تي مشهور پاڪستاني شاعر ناصر ڪاظمي جي شعرن جو حوالو ڏيندي ان کي اميد، خوشي ۽ برڪت جو تهوار قرار ڏنو. منير اڪرم پاڪستان جي وزيراعظم جي پيغام جو حوالو ڏيندي نوروز ملهائيندڙن کي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ نوروز کي ثقافتي هم آهنگي ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جو هڪ موقعو ق??ار ڏنو آهي. هن نوروز ملهائيندڙ ڪميونٽيز طرفان بهتر پاڪستان جي تعمير لاءِ سهڪار تي ٿورو مڃيو. پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جي عڪاسي ڪندي سفير نوروز ۽ سنڌ جي وادي جي قديم تهذيب وچ ۾ تعلق جو اظهار پڻ ڪيو. سفير نوروز جي جشن ذريعي امن?? يڪجهتي ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.
عالمي نوروز ڏهاڙي تي گڏيل قومن ۾ خاص تقريب، پاڪستان جو غزه ۾ فلسطينين لاءِ انصاف جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ