راملا -27 فيبروري (اي پي پي) فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي اسلامي سهڪار تنظيم پنهنجو غير معمولي اجلاس طلب ڪ??و آهي. سعودي خابرو اداري مطابق اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو غير معمولي اجلاس (اڄ) 28 فيبروري اڱاري تي ڪيو ويندو. هي اجلاس تازو ??ولهندي ڪناري نابلوس ۾ يهودي فورسز طرفان کُلي جارحيت ۾ 11 فلسطينين کي شهيد ۽ 100 کي زخمي ڪرڻ ۽ ٻين ڪارروائين کي نظر ۾ رکي طلب ڪ??و ويو آهي. هي اجلاس مسلسل اسرائيلي ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۽ فلسطيني عوام لاءِ ضروري عالمي ت??فظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيڻ لاءِ سڏايو ويو آهي. فلسطينين کي ت??فظ ڏيڻ جي حوالي سان هي اجلاس عالمي برادري سان مربوط ڪوششن جي فريم ورڪ تحت آهي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ