را??لپ??ڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي في??ڊ جنرل ڪورٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) في?? حميد کي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون خلاف ورزيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استع??ال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان ڳ??ڍيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن تحت ليفٽيننٽ جنرل (ر) في?? حميد خلاف في??ڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارراوئي شروع ڪئي وئي. في??ڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ٻئي مرحلي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) في?? حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استع??ال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن. في??ڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) في?? حميد جي ملوث هجڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ ناپاڪ سياسي عنصرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ شامل آهن. في??ڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ليفٽيننٽ جنرل (ر) في?? حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.
پاڪ فوج جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل