اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آه?? ته ڳالهين ۾ حق ۾ آه??ان پر ڌمڪين سان ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ باني سان حڪومت جون ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿي رهيون آه??، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني کي ڳالهيون ئي ڪرڻيون آه?? ته عدالتن سان ڪري جتان کيس آزادي ملي سگهي ٿي، احتجاج پنهنجي ضلعن ۽ صوبي ۾ ڪن، ڪنهن کي به اسلام آباد تي ڪاهه جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، هر اهم موقعي تي پي ٽي آءِ جو احتجاج هوندو آه??، فيصلو عوام ڪري ته اهي ڪهڙا ايجنڊا تي ه??ي رهيا آه??. هو ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. گهرو سيڪريٽري آغا خرم، آءِ جي اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي، چيف ڪمشنر اسلام آبا?? به گهرو وزير سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته 24 نومبر تي بيلاروس جو 65 رڪني وفد اچي رهيو آه?? جنهن ۾ 10 وزير به شامل آه??، 25 نومبر تي بيلاروس جوصدر به اچي رهيو آه?? جنهن جو ٽن ڏينهن جو دورو آه??، اهڙو ماحول آه??، اسان کي اهڙي طرح ڪنٽينر لڳائڻا پوندا ۽ موبائيل فون سروس به بند ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته رياست جي مهمانن جي حفاظت اسان جي پهرين ترجيح هوندي، ان کانپوءِ اسان کي پنهنجي شهر ۽ پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪرڻي آه??، ان لاءِ اسان ڪنهن کي جلسي ۽ جلوس جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته احتجاج کي ڪو به نٿو روڪي، اوهان جتي آه??و اتي رهي احتجاج ڪريو، عدالت ۾ به اهو ئي چيو آه?? ته اسان ڪنهن کي احتجاج کان ناهي روڪيو پر اسلام آباد ۾ اچي احتجاج ڪرڻ ۽ اهو به ان ڏينهن ۾ احتجاج ڪرڻ جڏهن ڪو اهم ايونٽ ٿي رهيو آه??، عوام فيصلو ڪري ته اهي اهم ڏينهن ۾ احتجاج ڇو ڪندا آه??، انتظاميه پنهنجا انتظام پورا ڪندي. پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين بابت سوال تي گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ڪا به ڳالهيون نه ٿي رهيون آه??، ڳالهيون ڌمڪين نه ٿي??ن ٿين، مان ڳالهين جي حق ۾ آه??ان پر اهڙي ڪا به صورتحال نه آه?? ته ڌمڪيون ڏين ۽ چون ته ڳالهيون ڪرڻيون آه??. هڪ سوال تي ه?? چيو ته موبائيل فون سروس جي بندش جو فيصلو رات تائين ڪيو ويندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان روزاني ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان رابطو رهي ٿو، اڃان خيبرپختونخوا کان ايف سي جي 15 پلاٽون جي درخواست آئي آه??، اهو اسان جو صوبو آه?? ان کي نٿا ڇڏي سگهون. هن چيو ته اسلام ۾ رهندڙ افغانين جي حوالي سان لائحه عمل ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ترتيب ڏنو ويندو. وڏي انگ ۾ افغانين جو گرفتاري??ن ٿيون آه??، هر احتجاج ۾ گرفتار ٿيندڙ 100 مان 25 افغاني نڪرن ٿا. پاڪستانين جو احتجاج ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر افغاني ڇو احتجاج ڪري رهيا آه??؟ پي ٽي آءِ باني جي ڳالهين بابت ڊيڊ لائن جي باري ۾ هن چيو ته عمران خان سان ڳالهي??ن ٿي ڪٿي رهيون آه??؟ اڊيالا جيل ۾ عمران خان جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ هڪ سوال تي محسن نقوي چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ بئريسٽر گوهر عمران خان سان ملاقاتون ڪيون آه??، جيڪڏهن ان (پي ٽي آءِ باني) جي خواهش آه?? ته سامهون آڻين، جيڪڏهن اهي ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا ته ٻڌائين، پر اهو نٿو ٿي سگهي ته هو چون ته هو اسلام آباد ايندا ۽ اسان جي ماڻهن تي ڏنڊا وسائيندا، ان لاءِ اسان ڳالهيون ڪريون ته ايئن نه ٿيندو.
پي ٽي آءِ باني سان حڪومت جون ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ