اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احس?? اقبال جي صدارت هيٺ تعليمي ٽاسڪ فورس جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، تعليم واري وزارت، يونيسيف، يو اين ڊي پي، ايف سي ڊي او، يونيسڪو، ورلڊ بئنڪ، اي ڊي بي، ملاله فنڊ، آءِ ٽي اي ۽ غلام اسحاق خان يونيورسٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير احس?? اقبال پاڪستان جي تعليمي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايجوڪيشن انڊيڪس جي رپورٽ اسان کي باور ڪرائي ٿي ته اسان کي تعليمي شعبي ۾ فوري ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن ٻُڌايو ته هن وقت پاڪستان ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ??ڏهن ??ه تعليم جي شرح فقط 60 سيڪڙو آهي، جيڪو اسان لاءِ الميو آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد صرف ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ناهي ??ر کين تعليمي سهولتون به فراهم ڪرڻ آهي، هر ٻار کي بنيادي ڪمپيوٽي ۽ جديد فني تعليم سان ليس ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ جديد گهرجن موجب ليبارٽرين جو قيام به اڻٽر آهي. احس?? اقبال استادن جي تربيت کي اهم چئلينج قرار ڏيندي چيو ته استادن کي بهتر تربيت بنا تعليمي سڌارا ممڪن نا??ن. ??فاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هر ماڻهو اعليٰ تعليمي يافته پي ايڇ ڊي جي ميدان تائين نٿو پهچي، ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي شروعاتي تعليم سان گڏوگڏ جديد ۽ فني مهارتون به سيکاريون وڃن ته جيئن ه?? عملي زندگيءَ ۾ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي. احس?? اقبال چيو ته 2010ع ۾ 18هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سبب تعليمي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن ??عليم سان گڏوگڏ صحت ۽ انساني وسيلن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا ۾ هيپاٽائيٽس، ٽي بي، ذيابيطس ۽ پوليو جي ڪيسن ۾ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو اسان لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. وفاقي وزير اجلاس ۾ موجود سمورن اسٽيڪ هولڊز ۽ عالمي شراڪتدارن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ??اطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت صوبن کي انهن ??نيادي مسئلن ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي پر صوبائي حڪومتن سان گڏجي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ عملي قدم کڻندي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي احس?? اقبال چيو ته ڪنهن ??ه ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار سڌارن، استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل تي هوندو آهي. ڪوبه معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو استحڪام جي اصولن تي عمل نه ڪري. هن پڄاڻي تي چيو ته اڄ کان 24 سالن کانپوءِ جڏهن ??سان پنهنجي آزاديءَ جا 100 سال مڪمل ڪري رهيا هونداسين، اسان کي اهو سوچڻو آهي ته اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ايندڙ سالن ۾ اسان ڪٿي بيهڻ چاهيون ٿا.
تعليمي شعبي ۾ فوري ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria