اسلام آباد – 26 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري نوابزاده نصرالله خان مرحوم جي لاءِ نشان امتياز جي سفارش ڪري ڇڏي. صدر آصف علي ??رداري نوابزاده نصرالله خان مرحوم کي جمهوريت، اتحاد ۽ انصاف جي لاءِ اڻٿڪ لگن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (لاڏڻي کانپوءِ)، ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪابينا ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته اها ايوارڊ ڏيڻ جو عمل شروع ڪري. صدر جو چوڻ هو ته نوابزاده نصرالله خان ناليوارو ۽ باوقار سياستدان هو. سندس زندگي جمهوريت جي ترقي ۽ پاڪستان جي سيا??ي سالميت جي لاءِ وقف هئي. صدر آصف علي ??رداري چيو ته نوابزاده نصرالله خان جي بي مثال ديانت، ڀائيچارو ۽ جمهوري قدر ايندڙ نسلن جي لاءِ حوصلا افزائي جو سبب هوندا. نوابزاده نصرالله خان مرحوم جي سڀاڻي 27 سي??ٽم??ر تي 21 هين ورسيءَ ملهائي پئي وڃي.
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری