اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو گهري ثقافتي ۽ م??هب?? ا??مي?? رکندڙ جڳهه تي هڪ سنگين حملو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو حملو عالمي قانون جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته هٿياربند تڪرار جي صورت ۾ ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ جي لاءِ 1954ع جي هيگ ڪنوينشن تحت م??هب?? جاين کي نشانو بڻائڻ واضح طور تي منع آهي. هن چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اترئين حصي ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل تازي وڏي پئماني تي فوجي دراندازي تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اهو حملو چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ورزي آهي جيڪو والاريل علائقن ۾ ش??ري?? کي بنا فرق جي نشانو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.
پاڪستان پاران غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا