اسلام آباد -28 آگسٽ (اي پي پي) سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ويجهن ۽ مضبوط لا??اپ?? جو مظهر آهي، موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سي پيڪ هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، ج??هن ۾ صنعتي ۽ زرعي سهڪار، گوادر جي ترقي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي فوڪس ڪيو ويندو، ج??هن جا ڏور رس هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا ۽ معاشي ترقي جي راهه هموار ٿيندي. رٿابندي واري وزارت جي ??خت??ارين مطابق گذريل 10 سالن دوران 200000 سڌي ۽ اڻ سڌي ريت نوڪريون پيدا ڪندڙ 30 کان وڌيڪ منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ترقي جي مختلف مرحلن ۾ آهن، جيڪي جٽادار اقتصادي ترقي ل??ءِ هڪ آواز جوڙي رهيا آهن. ان کان علاوه 6000 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ آندي وئي آهي، 809 ڪلوميٽر ه??ءِ وي ٺاهيا ويا آهن ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 886 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائينون وڇايون ويون آهن. 10 سال اڳ پنهنجي قائم ٿيڻ بعد سي پيڪ پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آڪٽوبر 2022ع تائين 6370 ميگاواٽ کان وڌيڪ جي مجموعي صلاحيت جا 11 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ نه ر??و ان منصوبي جي دائره ڪار پر ان جي رفتار کي به تيز ڪيو ويندو. حڪومت ان منصوبي کي ڀرپور انداز ۾ اڳيان وڌائڻ ل??ءِ پرعزم آهي. گڏيل سهڪار کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ ل??ءِ رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وزارت ڏي??هن رات مصروف آهي، ج??هن جو ڪم مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ مستقبل ۾ سي پيڪ جي منصوبن تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو.
موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سي پيڪ هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي: رٿابندي واري وزارت
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina