اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙ?? موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيٽر جان محمد ۽ قومي اسيمبلي ميمبر پلن بلوچ شامل هئا. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙ?? موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي قدم تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ته ز??عي ٽيوب ويلز جي سولرآئزيشن جو بلوچستان جي آبادگارن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. اهڙي طرح جا قدم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي طرف مثبت اڳڀرائي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ا??حاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.
بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا