آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس گذريل ڏهاڪن دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ واڌ کي ساراهيندي گڏ??ل لاڀائتي تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا ش??نڪ?? جي وچ ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت فوجي سهڪار ۽ علائقائي معاملن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي صدر لوڪا ش??نڪ?? کي ايس سي او جي ميمبرشپ تي مبارڪباد ڏيندي ??يو ته ان سان ايس سي او کي وڌيڪ مضبوطي ملندي. هن برآمداتي ترقي، عوام جي معاشي طور تي مضبوطي ۽ دوست ملڪن کي سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ وسيلي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي ترقي اتي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) تحت ڪم جي مختلف رخن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. جڏهن ته وزيراعظم هڪ پرامن ۽ مستحڪم خطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ خواهشن کان آگاهه ڪيو.
پاڪستان ۽ بيلاروس پاران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ واڌ جي ساراهه، گڏيل لاڀائتي تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ