اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته هڪ سال اڳ اسان جي قومي عزت ۽ وقار جي علامتن ۽ پاڪ وطن جي تقدس تي حملو ڪيو ويو، 9 مئي سانحي ۾ ملوث شرپسندن، سهولتڪارن ۽ اتساهيندڙن جي لاءِ ڪا معافي نه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪوڙ جي لباس ۾ حق جي روشني کي نٿو لڪائي س??هجي، اڄ کان هڪ سال اڳ نه رڳو اسان جي قومي عزت ۽ وقار جي علامتن تي حملو ڪيو ويو، اهو حملو پاڪ وطن جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي برابر هو. هن چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪنهن ب?? صورت ۾ قابل برداشٽ نه آهي، ان بابت قطعي طور تي ڪا نرمي نٿي ٿي س??هي، 9 مئي سانحي ۾ ملوث شرپسندن، سهولتڪارن ۽ اتساهيندڙن جي لاءِ ڪا معافي نه آهي. وزيراعظم چيو ته اچو وچن ڪريون ته 9 مئي سانحي کي ڪهن ب?? نه ورجائينداسين.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری